محمد احمد شاھ

محمد احمد شاھ

محمد احمد شاھ

محمد احمد شاهه: آرٽس ڪائونسل پاڪستان، ڪراچي جو پھريون منتخب صدر محمد احمد شاهه 29 مئي 1959ع تي ڪراچي ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم ۽ تربيت ڪراچي ۾ ٿي. ادب، ثقافت ۽ فنون لطيفه سان ننڍپڻ کان ئي گهري دلچسپي هئڻ سبب هن مائيرائيڊ (Myriad) جي غير تدريسي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيو. گريجوئيشن مڪمل ڪرڻ تائين سڄي ملڪ ۾ ادب، ثقافت توڙي فنون لطيفه جي حوالي سان ڄاتل سڃاتل شخصيت ٿي اڀريو.آرٽس ڪائونسل، ڪراچي ۾ چوڏهن سالن جي طويل عرصي تائين، ثقافتي سرگرمين سميت ٿيئٽر فيسٽيول، ميوزڪ فيسٽيول، يوٿ فيسٽيول، ڊانس ۽ ادبي ميلا ڪرائڻ سان گڏ هر سال عالمي اردو ڪانفرنس منعقد ڪرائڻ ۾ سندس اهم ڪردار رهيو آهي. ان کانسواءِ ملڪ جي نامور اديبن، مصورن، شاعرن ۽ فنون لطيفه سان تعلق رکندڙ اهم شخصيتن جي مان ۾ پروگرام پڻ ڪرائيندو رهي ٿو. ان سلسلي ۾ فيض احمد فيض، صادقين ۽ روشن آرا بيگم سميت ڪيتريون ئي اهم شخصيتون آرٽس ڪائونسل جون مھمان بڻجي چڪيون آهن. هن جا ٽريڊ يونين، پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس، هيومن رائٽس ائڪٽوسٽس، ثقافتي تنظيمون، صحافي ۽ لا ايسوسيئيشن جهڙين تنظيمن سان سٺا لاڳاپا رهيا آهن. محمد احمد شاهه آرٽس ڪائونسل جي پليٽفارم تان نه صرف شهرين جي تفريح لاءِ ٽي وي ڊراما، ٿيئٽر ۽ موسيقي جا ميلا ڪرائيندو رهيو آهي، بلڪ قدرتي آفتن جهڙوڪ: ٻوڏون، زلزلا، سامونڊي طوفان يا ڪووڊ-19 جهڙين آفتن دوران متاثرن لاءِ پرفارمنگ آرٽس ذريعي امداد گڏ ڪرڻ، طبي امداد فراهم ڪرڻ، ڏکين حالتن ۾ فنڪارن لاءِ انڊومينٽ فنڊ جاري ڪرڻ جهڙا فلاحي ڪم به ڪندو رهيو آهي. کيس، ادب، ثقافت، امن ۽ خوشحالي لاءِ ورتل ڪوششن عيوض 23 مارچ 2019ع تي صدارتي اوارڊ ’ستاره امتياز‘ سان نوازيو ويو. ان کانسواءِ کيس پي اين سي اي (PNCA)، اسلام آباد، زيبسٽ يونيورسٽي (Szabist)، انٽيليڪچوئل پراپرٽي آرگنائيزيشن آف پاڪستان (IPO) جي بورڊ آف گورنرس جي ميمبر هجڻ جو اعزاز پڻ حاصل آهي. بين الاقوامي سطح تي پڻ سندس ڪاوشن سان آرٽس ڪائونسل پاڪستان، چين، جرمني، آمريڪا، پورچوگال ۽ جاپان سميت ٻين ڪيترن ئي ملڪن ۾ انھن جي گڏيل سھڪار سان ڪيترائي پروگرام ٿي چڪا آهن.هن، ڪراچي جي اسڪولن توڙي ڪاليجن ۾ ادب ۽ آرٽ جي حوالي سان سو کان وڌيڪ سوسائٽيون پڻ قائم ڪيون آهن، جتي غريب ٻار به پنھنجي فن کي پيش ڪري سگهن ٿا. ڪائونسل جي ڀرسان هڪ آرٽس اسڪول به قائم ڪيو اٿس، جتي غريب ٻارن کي موسيقي، ڊانس ۽ ناٽڪ (ٿيئٽر) جي تعليم ۽ سکيا پڻ ڏني وڃي ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1959.05.29  عيسوي

آرٽس ڪائونسل پاڪستان، ڪراچي جو پھريون منتخب صدر محمد احمد شاهه 29 مئي 1959ع تي ڪراچي ۾ پيدا ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عبدالله خان ڪلهوڙو فقير
سيد غلام مصطفيٰ شاهه
فيض محمد ميمڻ
درويش سليمان
دولت خان لوڌي
جان محمد عرف جهورو خان
پير آف راڻيپور
الاهي بخش خميساڻي جسٽس
جمشيد نسروانجي ميهتا
سترام داس سنت
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون